اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز سوال اٿاريو آهي ته خط سياسي معاملو هو ته عمران خان اهو سلامتي ڪاميٽي ۾ ڇو کڻي ويو؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر سياسي  ڳالهه نه پيو ڪري وٽس ثبوت آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پيٽرول پي ٽي آءِ جي ڪري وڌيو آهي، اسان ڪجهه ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٿيل معاهدي جي پاسداري نه ڪريون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، پي ٽي آءِ جي معاهدي تحت اڄ پيٽرول جو اگهه 300 رُپيا في لٽر هجي ها، شهباز حڪومت پيٽرول تي پنهنجي طرفان هڪ پئسو به ناهي وڌايو، هن چيو ته عمران خان ويندي ويندي جيڪا تباهي مچائي ويو ان مان نڪرڻ ۾ مهينا يا سال لڳي ويندا، ملڪ کي موجوده حالتن تائين عمران خان پهچايو آهي، اسان جي مجبوري آهي جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيون ٿا ته پاڪستان جي ڏيوالو نڪري ويندو. هن چيو ته پرويز مشرف جنهن اسٽيج تي آهي نه اُٿي ٿو سگهي نه ويهي ٿو سگهي، نواز شريف اهڙو بيان ڏئي وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي، انساني حقن جي بنياد تي بيان ڏنو. نواز شريف حڪومت جو حصو ناهي هن ذاتي حيثيت ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي. مريم نواز چيو ته عمران خان ۽ سندس جعلي جماعت لاءِ آئون اڪيلي ئي کوڙ آهيان، عمران خان هڪ مهيني تائين راڻا ثناءُ الله کان ڊڄي وڃي پشاور ۾ لڪي ويهي رهيو، لانگ مارچ جي سڏ لاءِ قيادت ڪرڻي پوندي آهي، ماڻهن جي ٻچن کي اڳيان ڇڏي انقلاب ناهي ايندو، عمران خان خلاف هڪ ٻئي پٺيان ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن، ان تي ڪيسز ٺاهندا ۽ ٺهڻ گهرجن. هن چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، سخت فيصلن کانپوءِ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آهي، منهنجو اڄ به بيانيو ووٽ کي عزت ڏيو آهي نواز ليگ کي بيسياکين جي ضرورت ناهي، اها ضرورت فتني خان کي هئي، مريم نواز چيو ته عمران خان چئي رهيو آهي ته هي سياسي معاملو آهي ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي،  ڊي جي آءِ ايس پي آر وٽ ثبوت آهن، هو پنهنجي طور نٿو ڳالهائي، خط جو معاملو سياسي هو ته پي ٽي آءِ وارا اُن کي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڇو کڻي ويا؟ عمران خان پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.