اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جو ايم اين اي محمد خان جمالي قومي اسيمبلي ۾ واپس پهچي ويو،  اسپيڪر سندس واپسي تي آجيان ڪئي، محمد خان جمالي چيو ته استعيفا نه ڏني هئي، غلط خبرون پکيڙيون ويون، منهنجي ساک کي نقصان پهچايو ويو، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ آهيان ۽ عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف چيو ته  ڪنهن به پارٽي يا تڪ مان چونڊيل ميمبر قابل احترام آهي، ايوان ۾ اچي ڳالهائڻ گهرجي، ايوان مان غير حاضر رهي پنهنجو قومي فرض ادا نٿو ڪري سگهجي، ايوان ۾ واپس اچڻ تي مير محمد خان جمالي جي آجيان ڪريون ٿا.