لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ مونس الاهي ايف آءِ اي ۾ جاچ دوران مني لانڊرنگ بابت سوالن جي جوابن ۾ اڳوڻي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مونس الاهي کان پڇا ڳاڇا بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن. کائنس پڇيو ويو ته رحيم يار خان شگر ملز توهان قائم ڪئي. هن چيو ته مون نه ٺاهي رڪارڊ چيڪ ڪريو اها ملر عمر شهريار قائم ڪئي ۽ اهو ئي هن جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. ان ۾ منهنجي ڪمپني جا شيئرز آهن. جاچ آفيسر سوال ڪيو ته نواز ۽ مظهر توهان جا بي ناميدار آهن جن وسيلي مني لانڊرنگ ٿي؟ مونس چيو ته انهن ٻنهي کي نه سڃاڻان. سوال ڪيو ويو ته ٻنهي جوابدارن جو مل جي سي اي او سان ڪهڙو واسطو آهي؟ مونس چيو ته اهو سي اي او کان پڇو. لکي سوال ڪريو سڀني سوالن جا جواب ڏيندس. عمر شهريار خسرو بختيار جو ڀاءُ آهي. ذريعن موجب مونس الاهي ايف آءِ اي جي ٽيم کي مطمئن ڪري نه سگهيو ۽ کيس 23 جون تي وري طلب ڪيو ويو آهي.