ڪراچي: پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ علي حيدر زيدي اين اي 240 تي تشدد تي ڏک جو اظهار ڪندي پر امن چونڊن  لاءِ پولنگن اندر ۽ ٻاهر رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين اي 240 تي تشدد ڏسي ڏک ٿيو، اسان تشدد جي سياست ۾ واپس موٽي نٿا سگهون. اليڪشن وڙهندڙ پارٽيون صبر ڪن، هڪ ڀيرو وري قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پر امن چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا،  اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو وري پنهنجي نااهلي ظاهر ڪئي. هن چيو ته پرامن چونڊن جو اڪيلو طريقو پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر رينجرز جي موجودگي يقيني بڻائڻ آهي.