سرگودا (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مهانگائي جو طوفان آڻڻ کان حڪومت ڇڏڻ بهتر آهي، شهبازشريف ڇڏي ڏيندو پر عوام کي تڪليف ۾ نه وجهندو، فتني خان ۽ صدر علوي جو پٽ فوج کي گاريون ڏيندا آهن، فتني خان کي روڪڻ گهرجي، پرورش نه ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، نيب کي استعمال ڪندڙ شهزاد اڪبر خلاف به پاڻمرادو نوٽيس وٺي. سرگودا جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان 4 سالن ۾ سڀ ڪجهه تباهه ڪيو، هڪ به سر نه لڳائي پر ملڪ کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، معيشت تباهه ٿي وئي، ملڪ کي 4 سالن ۾ تباهه ڪندڙ پڇي ٿو 4 هفتن ۾ شهبازشريف ڇا ڪيو، هي هڪ منٽ به پنهنجي ڪارڪردگي تي نٿو ڳالهائي سگهي، معيشت وينٽيليٽر تي پهتي آهي ته ان ڏوهه جو ثبوت عمران خان آهي. جلسي کي خطاب دوران مريم نواز حڪومت ڇڏڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته اسان عمران خان جي گند جو ٽولرو ڇو کڻون؟ ۽ هن عوام کان سوال ڪيو ته اسان کي حڪومت ۾ رهڻ گهرجي يا ڇڏڻ گهرجي؟ جيڪڏهن نوازشريف حڪومت ڇڏي ته سادي اڪثريت سان ايندڙ حڪومت ڏيندا؟، مريم نواز اهو چيو ته منهنجي خيال ۾ اهڙي حڪومت کي ڇڏڻ بهتر آهي، جنهن ۾ روز مهانگائي جو طوفان اچي، شهبازشريف ڪرسي ڇڏي ڏيندو پر عوام کي مشڪل ۾ نه وجهندو. هن چيو ته عمران خان رياست جي ٻانهن ۾ لڪل ناگ آهي، جن جن هن کي کير پياريو، ان کي هن ڏنگيو، اسان حڪومت ۾ اچي عمران خان جو پلان فيل ڪيو، هاڻ هي وار بٽي يا ابتو لٽڪي پر ڪجهه نٿو ڪري سگهي، عمران جو کيل ختم ٿي ويو آهي. نوازشريف سرگودا سان عشق ڪندو آهي، نوازشريف لنڊن مان جلسو ڏسي رهيو آهي، مريم نواز  عمران کي ڪوڙو خان قرار ڏيندي چيو ته ڪوڙي خان وٽ پرڏيهي سازش توڙي قتل سازش بابت ڪي ثبوت ناهن، پهرين هن 35 پنچرن جو ڊرامو ڪيو هو پر ثبوت نه ڏنا، پرڏيهي سازش جو به ڊرامو ڪيو، هي فتني خان آهي ۽ هن جي هوندي لکي ڏيان ٿي ته پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته نوازشريف ادارن سان گڏجي ملڪ ۾ امن بحال ڪرايو، معيشت کي درست رخ تي گامزن ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، هي چوندا هئا نوازشريف جي سياست ختم ٿي وئي، اڄ هر هنڌ نوازشريف جا نعرا لڳي رهيا آهن، عوام مطالبو ڪري رهيو آهي ته نوازشريف واپس اچو اوهان جي ضرورت آهي. عمران کي چيو ويو ٽماٽر ۽ پٽاٽا مهانگا آهن ته چيائين آئون ٽماٽن ۽ پٽاٽن جا اگهه ڏسڻ لاءِ ناهيان آيو، نوازشريف ۽ شهبازشريف نااهل خان وانگر ناهن، نوازشريف پٽاٽن ۽ ٽماٽن جا اگهه ٺيڪ ڪرڻ آيو آهي. نواز ليگ جي نائب صدر چيو ته عمران خان چيو ته آمريڪي سفارتڪار عورت مريم نواز سان ملڻ وئي ته هن گاڏي جو دروازو پاڻ کوليو، رڳو ايترو نه ڪيو جو ليٽي چويس ها ته پير منهنجي مٿان رکي وڃ مٿان توهان جا جوتا نه خراب ٿين، هن اها گار مريم نواز نه پوري پنجاب جي نياڻين کي گار ڏني آهي، مون وٽ جيڪڏهن ڪو پرڏيهي ايندو آهي ته ان وقت مريم نواز پاڪستان هوندي آهي، مهمان کي عزت ڏيڻ اسانجي ثقافت آهي. هن چيو ته عمران جيڪو چوندو آهي آئون سازشين کي سڃاتو آهي ته اهو عدليا ۽ فوج ڏانهن اشارو ڪندو آهي، نوازشريف جو نالو ناهي وٺندو، هي جلسن ۾ فوج کي گاريون ڏيندو آهي، اهڙي فتني کي روڪڻ نه روڪڻ گهرجي، عمران فتني جو نالو آهي، هي قوم کي آزاي ۽ خودمختياري جا ڀاشن ٿو ڏئي، صدر علوي جو پٽ به فوج کي گاريون ڏيندو آهي، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته هڪ چرئي شخص جي ڪري انصاف جي تارازو کي جهڪڻ نه ڏئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ! شهبازشريف خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ تي مهرباني پر هڪ پاڻمرادو نوٽيس پرڏيهي فنڊنگ ڪيس کي لٽڪائڻ تي به ٿيڻ گهرجي، شهزاد اڪبر جهڙي ريت نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو، هڪ پاڻمرادو نوٽيس ان تي به وٺڻ گهرجي، بشير ميمڻ جي الزامن تي به نوٽيس وٺڻ گهرجي. مريم نواز عمران خان تي اي آر واءِ کي نوازڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته عمران اي آر واءِ جي مالڪ کي 40 ارب جو فائدو پهچايو، ان ڪري ان کي ڪجهه نه چوندو آهي، باقي جيڪا ميڊيا حق جي ڳالهه ڪري ٿي اها غدار ٿي وڃي ٿي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز خطاب ڪندي چيو ته عمران نيازي سياست جي نالي تي ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي، ڪڏهن ادارن کي للڪاري ٿو ته ڪڏهن دوست ملڪن کي للڪاري رهيو آهي.

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان چيو آهي ته معاشي حالتون انتهائي خراب آهن، اسان کي گارنٽي نه پر وڏن  فيصلن لاءِ وڏي سپورٽ گهرجي، غيرمعمولي حالتن ۾ ڏکين فيصلن جي ذميواري نٿا کڻي سگهو ته حڪومت ڇڏيو ۽ گهر وڃو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي، جنهن ۾ صدر، وڏا وزير، اسپيڪر ۽ ٻيا هجن، اسان بي ساکيون يا گارنٽي نٿا گهرون، غيرمعمولي فيصلن ۾ سڀني کي حصيدار بڻائڻ چاهيون ٿا، ڏکين حالتن ۾ وڏن فيصلن لاءِ وڏي سپورٽ گهربل هوندي آهي، ڏکين فيصلن لاءِ وقت گهربل آهي، جنهن جو مطلب مدو پورو ڪرڻ آهي، اتحادين چيو آهي ته حڪومت مدو پور ڪري، اتحادي الڳ ٿي ويا ته حڪومت ختم ٿي ويندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي فيصلن جو بار هڪ پارٽي يا هڪ وزيراعظم نٿو کڻي سگهي، ڏکيا فيصلا ڪريون ۽ وري اليڪشن ۾ وڃو، اهو منطق سمجهه کان ٻاهر آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام سياسي استحڪام بغير ممڪن ناهي، معاشي حالتون اسان جي علم کان وڌيڪ بدتر آهن، قرض وٺي معاملا هلايون ٿا، ڪيئن خريداري قيمت تي پيٽرول وڪرو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ڏکين فيصلن کانسواءِ ڪابه حڪومت معيشت کي سهارو نٿي ڏئي سگهي، معيشت ايتري خراب ٿي ويندي جو نگران حڪومت يا نگران حڪومت ڪم نه ڪري سگهندي، اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان جي سياسي دٻاءَ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي.