رٽائرڊ ڪرڪيٽرن جا مزا، پينشن ۾ هڪ لک رپيا واڌ، پي سي بي پاران وڏو اعلان

0
255

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پليئرز ويلفيئر پاليسي تحت تمام ڪيٽيگريز ۾ شامل رانديگرن جي پينشن ۾ هڪ لک رپيا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پهرين ڪيٽيگري 10 يا ان کان گهٽ ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ رٽائرڊ رانديگرن کي ماهوار هڪ لک 42 هزار رپيا پينشن ملندي

ٻي ڪيٽيگري ۾ 11 کان 20 ٽيسٽ ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ رٽائرڊ رانديگر ماهوار هڪ لک 48 هزار پينشن وصول ڪندا. اهڙي طرح ٽئين ڪيٽيگري ۾ 21 يا ان کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ ٽيسٽ ڪرڪيٽرن کي هڪ لک 54 هزار رپيا پينشن ڏني ويندي

پي سي بي ويلفيئر پاليسي ۾ ترميم کانپوءِ هاڻي ڪنهن به اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جي وفات کانپوءِ هن جي پينشن سندس گهر واري پي سي بي کان وصول ڪرڻ جو اختيار هوندو

  ان موقعي تي رميز راجا چيو ته رانديگرن جي پينشن ۾ اضافي ۽ ويلفيئر پاليسي ۾ ترميم جو اعلان ڪندي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. رميز راجا وڌيڪ چيو ته پينشن ۾ اضافي کان سواءِ پي سي بي رانديگرن جي انتقال کانپوءِ هنن جي بيواهن جي حفاظت کي به يقيني بڻايو آهي