ڊيلاس (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش يوڪرين تي ڳالهائيندي  عراق تي آمريڪي حملي کي غيرمنصفاڻو، بنا سبب ۽ وحشياڻو حملو قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج ڊبليو بش ڊيلاس ۾ يوڪرين تي روسي حملي بابت ڳالهائي رهيو هو ته تقرير دوران عراق تي پنهنجي حڪم تي ڪيل حملي کي بنا سبب ۽ وحشياڻو تسليم ڪري ويٺو. جارج بش چيو ته هي روس ۾ احتساب جي مضبوط نظام نه هئڻ جو نتيجو آهي  ۽ عراق تي مڪمل طور تي غير منصفاڻو، بنا سببب ۽ وحشياڻو حملو ڪرڻ هڪ شخص جو فيصلو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر کي پنهنجو جملو پورو ڪرڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته هو ڪجهه غلط ڳالهائي ويو آهي، جنهن تي هن فوري طور پنهنجي جملي کي درست ڪندي چيو ته سندس مطلب يوڪرين هو پر عراق سان به ائين ئي ٿيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ ميسا جوسٽس انسٽيٽويٽ آف ٽيڪنالوجي جي پويا علي مگهم چيو ته ” واهه، بش هڪ دفعي عراق تي حملي بابت سچ جو اعتراف ڪري ورتو. واضح رهي ته جارج ڊبليو بش سال 2003ع ۾ عراق تي وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيار ٺاهڻ جو الزام مڙهي حملو ڪري ڏنو هو ۽ آمريڪا اهو آپريشن سال 2011ع تائين جاري رکيو هو جنهن کانپوءِ داعش جهڙي عالمي دهشتگرد تنظيم جنم ورتو پر وڏي پيماني تي تباهي مچائيندڙ هٿيار ڪڏهن به ظاهر نه ٿي سگهيا.