اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي عاصمه شيرازي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جون اهم ترين غيرسويلين شخصيت سان ٿيل ٻه ملاقاتون ناڪام ٿي ويون آهن. هن پنهنجي وي لاگ ۾ چيو ته هن وقت جڏهن اسلام آباد سخت افواهن ۽ اڳڪٿين جي زد ۾ آهي ان وقت اها خبر آئي آهي ته عمران خان جون ٻئي وڏيون ملاقاتون ناڪام ٿي ويون آهن. پهرين ڳالهه اها آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه ايڪسٽينشن نه وٺندو ۽ نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون، هن چيو ته موجوده حڪومت ئي نومبر ۾ نئين سپهه سالار جي چونڊ ڪندي. جنرل باجوو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به قسم جي توسيع نه وٺندس.