ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر جي مٿانهين اڏام: ڊالر 245.5 رپيا ٿي ويو: سون 1600 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1600 رپيا لاٿ سان 156300 مان 154700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 13 ڊالر واڌ سان 1662 ڊالر في آئونس تي پهتي، ٻئي طرف چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ساڍا 4 رپيا واڌ سان 241 مان 245.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ هڪ رپيو 7 پئسا واڌ سان 236.84 مان 237.91 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان  277.5 مان 277 ۽ يورو وري  هڪ رپيو اضافي سان 241.5 مان 242.5 رپين تي پهتا هئا