واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته چين تائيوان تي حملو ڪيو ته آمريڪي فوج تائيوان جي حفاظت ڪندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته جيڪڏهن تائيوان تي ڪو غير معمولي حملو ڪيو ويو ته اسان ضرور جواب ڏينداسين. آمريڪي صدر جي بيان کي ڀليڪار ڪندي تائيوان جي حڪومتي اختيارين چيو آهي ته آمريڪا تائيوان جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مضبوط عزم جو اظهار ڪيو آهي.