ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پي ٽي آءِ پاران عمران خان تي حملي واري واقعي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد جمع، پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان جمع ڪرايل قرارداد ۾ ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم تي قاتلاڻو حملو ڳڻتي جوڳو آهي موجوده حالتن ۾ عمران خان لاءِ مائنس ون فارمولي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪو ملڪ ۾ عدم استحڪام کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گذارش آهي ته واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف تحقيقات کي يقيني بڻائين، قرارداد جمع ڪرائڻ بعد خرم شير زمان ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ لاءِ شفاف چونڊن کانسواءِ ڪو ٻيو حل ناهي.