اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ماحولياتي تبديلين بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته اسان عالمي دنيا جي سامهون پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهين جو ڪيس پيش ڪري رهيا آهيون پر ملڪ ۾ عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر انتشار ڦهلائڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته پر امن مارچ سڀني جو حق آهي پر انتشار جي اجازت ڪنهن کي ناهي، هن چيو ته عمران خان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي پر ان واقعي کي بنياد بڻائي هي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت عمران خان جي ڪنهن به سياسي دٻاءَ ۾ نه ايندي.