ڪراچي (م ڊ)  دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته صدر کي لکيل عمران خان جي خط جي ڪابه اهميت ناهي، اقتدار کسجڻ بعد هڪ شخص جو ذهني توازن اهڙو ٿي ويو جو اهو هر ڪنهن کي گاريون ڏيندو آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ٿاڻو، پوليس ۽ ايف آءِ آر پنجاب پوليس جي هٿ ۾ آهي، پنجاب پوليس کي ڪرائيم سين محفوظ ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو نه ڪيو ويو، هن چيو ته عمران خان لاءِ مسئلو آهي ته ان لاءِ قوالي نه ٿي رهي آهي، عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ پاڻ لاءِ سياسي طور تي فائديمند چاهي ٿو.