اسلام آباد (م ڊ) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو. سفارتي ذريعن موجب محمد بن سلمان طرفان نومبر جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي، هو 21 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي جي آخر ۾ سعودي جي خاص سيڪيورٽي ٽيم پاڪستان پهچندي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو حتمي جائزو وٺندي. سفارتي ذريعن موجب ولي عهد جي دوري ۾ پاڪستان کي 4.2 ارب ڊالرن جو واڌو بيل آئوٽ پيڪيج ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته دوري ۾ سعودي عرب جي پاڪستان ۾ مضبوط سيڙپڪاري جو امڪان آهي ۽ ڪيترن ئي پاڪ سعودي پيٽروليم معاهدن کي آخري شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب طرفان پيٽروليم شعبي ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي معاهدي جو به امڪان آهي. ذريعن موجب سعودي عرب گوادر ۾ جديد آئل ريفائنري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، گوادر ۾ 10 ارب ڊالرن سان آئل ريفائنري لاءِ سعودي عرب چين سان گڏجي مدد ڪندو ۽ چيني ڪمپنيون منصوبو پورو ٿيڻ کانپوءِ شروعاتي طور ريفائنري هلائينديون.