اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججز مقرري بابت پارلياماني ڪاميٽي سپريم جڊيشل ڪميشن جون سفاشون منظور ڪري ورتيون، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس سيد حسن اظهر کي به سُپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ جي صدارت هيٺ ڪاميٽي جي اجلاس دوران جڊيشل ڪميشن طرفان اُماڻيل نالن تي غور ڪيو ويو. ان کان اڳ پارلياماني ڪاميٽي جسٽس اطهر من الله جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.