ڪراچي (م ڊ) عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي تي سياسي قيادت مذمت ڪئي آهي، نواز ليگ قائد نوازشريف عمران خان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، نوازشريف هڪ ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو آهي ته آئون عمران خان ۽ سندس ساٿين تي فائرنگ واقعي جي مذمت ڪريان ٿو ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز به عمران خان ۽ سندس ساٿين تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيوته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي سخت مذمت ڪئي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته مان سڀني جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حملي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان. اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي خان عمران خان جي قافلي تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي، اسفند يار ولي چيو ته اسان سياست ۾ تشدد جي خلاف هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، اڳوڻي وزيراعظم جي احتجاج ۾ سيڪيورٽي جي ناقص انتظامن جي جاچ ڪرائي وڃي.