گوجرانوالا: گوجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ فيصل جاويد جو ردعمل سامهون اچي ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته گولي چهري وٽان ڇُهندي گذري، ساٿين جي ڳڻتي آهي. جڏهن ته اسپتال ٻاهران هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل جاويد چيو ته عمران خان خيريت سان آهي، اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا، اسان جا حوصلا بلند آهن. هن چيو ته واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، آزادي جي تحريڪ نه بيهندي، سڀني ساٿين لاءِ دعاڳو آهيان.