اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن گڏيل طور تحريڪ انصاف جي جي سربراهه عمران خان ۽ ٻين مٿان فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو تفصيل موجب  قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، عمران خان مٿان حملي واري واقعي  سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ 46 منٽ دير سان شروع ٿيو، معمول جي ڪارروائي ملتوي ڪندي حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن واقعي تي تقريرون ڪيون، اجلاس شروع ٿيندي ئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پي ٽي آءِ جي مارچ تي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا ۽ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سڀني ماڻهن کي محفوظ رکي، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ واقعو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، ان واقعي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به زخمي ٿيو آهي، سياست ۾ تشدد جو رجحان قومن کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي، سياست ڳالهين جو نالو آهي، سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيندا آهن، سياست ۾ نفرت ۽ تقسيم جو ٻج پوکڻ سان سياست مشڪل ۽ پر تشدد ٿي ويندي آهي، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان جي شهادت بعد به گهڻا واقعا ٿيا، جن ۾ تشدد جو رجحان وڌندو ويو، ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت به ان صورتحال کي هوا ڏني، 90جي ڏهاڪي بعد سياست ۾ ڀائيچاري جي فضا ختم ٿيندي وئي، سياست ۾ زبان به پرتشدد ٿي وئي آهي،  هن چيو ته زبان تشدد ڀري ٿي چڪي آهي سياست ۾ ماري ڇڏيو، ساڙي ڇڏيو جا لفظ ماڻهن کي شدت پسند رستو اپنائڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، سياستدانن کي ڳالهائڻ وقت احساس ڪرڻ گهرجي ته جيڪو ٻج پوکي رهيا آهن قوم کي اهو ٻج لڻڻو به پوندو آهي، سياسي زبان ترڪ ڪئي وئي ته گولي جي زبان راڄ ڪندي، عمران خان تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ سبق به آهي، سياسي ورڪر جتي به آهن انهن کي ڳالهه ٻولهه جي ڪلچر کي ترڪ نه ڪرڻ گهرجي، اختلاف هجڻ باوجود تشدد جي طرف نه وڃڻ گهرجي، مون کي خبر ناهي ته حملو ڪندڙ ڪير آهي پر اڄوڪو واقعو ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته اسان پنهنجي سياسي نظريي ۽ سياسي پسند ناپسند لاءِ جان وٺڻ کان به پاسو نٿا ڪريون، هن چيو ته ايوان به عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪري، جي ڊي اي جي غوث بخش مهر چيو ته فائرنگ جو واقعو افسوسناڪ آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اسان جي علائقي ۾ برساتي پاڻي اڃا ناهي نڪتو، اسان کي ڇو بک ماريو پيو وڃي، ايوان ان مامري تي ڌيان نه ڏنو ته اجلاس هلڻ نه ڏينداسين، ڪورم جي نشاندهي ڪندس، پيپلز پارٽي جي غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته پيپلزپارٽي به عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪري ٿي، مطالبو ڪيون ٿا ته فائرنگ واري واقعي جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، هي يڪجهتي جو وقت آهي، ڀائيچاري کي وڌائڻ ۽ تقسيم کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، نور عالم خان چيو ته عمران خان چاهي اسان کي تسليم نه ڪري پر اسان ان تي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا، پنجاب حڪومت کان پڇيو وڃي ته غفلت جو مظاهرو ڇو ٿيو، آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ وڏو وزير عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، تمام سياسي ليڊر پنهنجي ذات مان نڪري ٽيبل تي ويهن ۽ ملڪ جو سوچين، بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو ته عمران خان تي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا، واقعو افسوسناڪ آهي، ڳالهه ٻولهه جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا، بيلٽ جي بدران بلٽ تي يقين رکيو وڃي ٿو، عوام جي آواز کي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍيو وڃي ٿو، سياسي قيادت ڊائلاگ ۾ يقين نه رکندي ته مامرو گارگند تائين هليو ويندو، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جماعت اسلامي طرفان عمران خان تي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا، اهڙا واقعا ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندا آهن، سياست ۾ رواداري ۽ پاڻ ۾ ڳالهين سان مسئلن جا حل ٿيندا آهن، پاڻ کي جمهوريت کان پري نه ڪري ها ته اڄ هي واقعو نه ٿئي ها، اسلام آباد ۾ ڪنٽينر ۽ سنڌ مان پوليس آڻڻ جي ضرورت نه هئي، ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ جي ڊي اي جي غوث بخش مهر ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڪورم پورو نه هجڻ تي  اجلاس اڄ جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.