ڪراچي/ راولپنڊي (اسٽاف رپورٽر/ م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر پاران اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف داخل ڪيل درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 24 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران اسد عمر جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017ع جو سيڪشن 10 غير آئيني آهي، اليڪشن ڪميشن عدالت يا ٽربيونل ناهي،آئين جو آرٽيڪل 204 اليڪشن ڪميشن تي لاڳو نٿو ٿئي، اليڪشن ڪميشن طرفان 19 آگسٽ تي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس غير قانوني آهي  هن چيو ته درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس کي معطل ڪري درخواستگذار خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان 12 جولاءِ تي بکر ۾ جلسي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين جوڳو بيان ڏنو ۽ بي بنياد الزام لڳايا. ٻئي طرف  لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جا شوڪاز نوٽيسز معطل ڪندي چيو ته قانوني نوٽيسن واري  معاملي جي لارجر بينچ ٻڌڻي ڪندي،   درخواستن جي ٻڌڻي 29  سيپٽمبر تي ٿيندي.