اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي استعيفائن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل احسن عابد کي ڇنڊ پٽي وئي، کيس جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اوهان کان سوال پڇون ٿا ته آسمان ڏانهن ڇو ٿا ڏسو؟ اوهان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي تميز ئي ناهي، اوهان اهڙيون حرڪتون ڪريو پيا ڄڻ سامهون ٽئي بيوقوف ويٺل هجن، اهڙو ردعمل توهين عدالت هوندو آهي، درخواستگذار احسن عابد سپريم ڪورٽ کان معافي ورتي.