اسلام آباد (بيورو رپورٽ)برساتن ۽ ٻوڏ سٽيل عوام تي وڌيڪ بار، پيٽرول مهانگو ٿي ويو، حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾هڪ رپيو 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 237 رپيا 43 پئسا في ليٽر ٿي وئي، ناڻي کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزارت جي موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾4 رپيا 26 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي، نئين قيمت 197 رپيا 28 پئسا في ليٽر هوندي، گاسليٽ جي قيمت ۾8 رپيا 30 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 202 رپيا 2 پئسا في ليٽر هوندي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ڪا به ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي. اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات 2 وڳي ڌاري پيٽروليم اگهن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويو. موجوده وفاقي حڪومت 5 مهينا 10 ڏينهن دوران پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 87 رپيا 57 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 103 رپيا 28 پيسا، گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾ 76 رپيا 46 پيسا واڌ ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، موجوده حڪومت في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ عوام کان 52 رپيا 59 پيسا ٽيڪسن ۽ مارجنز جي مد ۾ جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 26 رپيا 46 پيسا ٽيڪسون ۽ مارجنز وصول ڪيو پيو وڃي، عمران خان جي حڪومت جي آخري هفتي دوران في لٽر پيٽرول جي قيمت 149 رپيا 86 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 144 رپيا 15 پيسا، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 118 رپيا 31 پيسا هئي، گاسليٽ جي في ليٽر جي قيمت 125 رپيا 56 پيسا هئي. حڪومت سيپٽمبر جي رات 2 وڳي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي پيٽروليم ليوي ۾ 8 پيسن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي پيٽروليم ليوي 7 رپيا 50 پيسن  کان وڌائي 7 رپيا 58 پيسا ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي في ليٽر تي پي ايس او ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 5 پيسن جو اضافو ڪرڻ کان پوءِ پي ايس او ايڊجسٽمينٽ جي رقم 5 رپيا 87 پيسن کان وڌائي 7 رپيا 92 پيسا ڪئي و ئي آهي، في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي مارجن ۾ به 11 پيسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اهو مارجن 3 رپيا 85 پيسن کان وڌائي 3 رپيا 96 پيسا مقرر ڪيو ويو آهي، ائين مجموعي طور تي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي مجموعي طور تي پيٽروليم ليوي ۽ مختلف مارجنن جي مد ۾ 26 رپيا 46 پيسا عوام کان وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پيٽرول جي في ليٽر تي ليوي جي مد ۾ حڪومت 8 پيسن جي گهٽتائي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ به پيٽرول جي في ليٽر تي ليوي جي مد ۾ 37 رپيا 42 پيسا وصول ڪيا پيا وڃن، ڊيلر مارجن جي مد ۾ 7 رپيا، تيل مارڪيٽنگ مارجن جي مد ۾ 3 رپيا 68 پيسا وصول ڪيا پيا وڃن، ائين في ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور ليوي ۽ مارجنز جي مد ۾ 52 رپيا 59 پيسا وصول ڪيا پيا وڃن.