لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته عدالت چيو ته اعتماد جو ووٽ وٺنداسين.لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ صوبائي وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مُلڪي ۽ صوبي جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. عمران خان اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ ۽ ايندڙ چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته امپورٽڊ ٽولي کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته سازشي ٽولو اسلام آباد کانپوءِ ڪراچي جي مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو ڄاڻن ٿا ته عوام کين رد ڪري چڪو آهي.سندس چوڻ هو ته اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ کانپوءِ  اسان عوام جي عدالت ۾ وينداسين، ملڪي مسئلن جو حل نين چونڊن ۽ عوامي مئنڊيٽ ذريعي چونڊيل حڪومت ئي ڏئي سگهي ٿي. ٻئي پاسي پنجاب جي وزيرن، پارلياماني ليڊر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عمران خان سان ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. پي ٽي آءِ ذريعن موجب عمران خان چيو ته اعتماد جو ووٽ عدالتي فيصلي سان مشروط آهي، عدالت چيو ته اسان اعتماد جو ووٽ وٺنداسين پر اسان کي اعتماد جي ووٽ لاءِ تياري ڪرڻي پوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان وزيرن کي اسيمبلي ميمبرن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي.ذريعن موجب صوبائي وزيرن عمران خان کي آگاهي ڏيندي چيو ته اعتماد جو ووٽ وٺڻو پيو ته اسان کي ڪو مسئلو ناهي، 11 جنوري تائين معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اعتماد جو ووٽ وٺندي ئي فوري طور اسيمبلي ٽوڙي ويندي.ٻئي طرف عمران خان مجلس وحدت المسلمين کي پرچائي ورتو، ڪالهه علامه ناصر عباس زمان پارڪ واري گهر ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي. عمران خان کيس پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد هو پنجاب ۾ وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ ڏيڻ تي راضي ٿي ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صوبائي وزيرن کي پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ ۽ ايندڙ چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪئي آهي. هن پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ ۽ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين لاءِ صوبائي وزيرن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي.