اسلام آباد(بيورورپورٽ) مسلم ليگ ن پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان هر صورت ۾ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنجاب جي جائزي لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي. ذريعن موجب ن ليگ جو اهم اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ ڀرپور نموني وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب جي معاملن جي جائزي لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي به ڪئي وئي جنهن ۾ قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص مددگار عطا تارڙ ۽ پ پ پنجاب جو اڳواڻ حسن مرتضيٰ شامل آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرويز الاهي کي هر صورت ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان روڪيو ويو جنهن لاءِ ن ليگ سان رابطي ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻن کي به استعمال ڪيو ويندو. کين ووٽنگ واري ڏينهن غائب رهڻ جي صلاح ڏني ويندي.