سانگهڙ ۾ ڌماڪو: 5 گهر ڀاتي زخمي: پوليس جو علائقي کي ڪڙو: خوف حراس واري صورتحال

0
755

سانگهڙ ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 5 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

المنصورا ڪالوني ۾ گئس سئلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب ، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو

ڌماڪي جي نتيجي ۾ نعمان، خالد، فرح ناز، مصطفيٰ مغل ۽ ٻارڙو ابراهيم زخمي ٿي پيا، ٽي زخمي نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي