اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر بل 2023ع اڪثريت سان منظور ڪرائي ورتو ، مخالف ڌر جو رولز ۽ پارلياماني طريقيڪار موجب بل ڪاميٽي کي موڪلڻ جو مطالبو رد، مخالف ڌر جو عدالت تي حملو نامنظور جا پلي ڪارڊ کڻي احتجاج، نعريبازي، سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيراءُ ، تفصيل موجب ڪالھه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ پيش ٿيو، اجلاس ۾ قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي مان اربع ڏينهن منظور ٿيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع سينيٽ ۾ منظوري لاءِ  پيش ڪيو، اعظم نذير تارڙ چيو ته پارليامينٽ جو اختيار آهي ته اها قانون سازي ڪري سگهي ٿي، ٻن ڏهاڪن کان سپريم ڪورٽ ۾ نئون رجحان ڏٺو ويو، ڪورٽ کي اجتماعي سوچ سان هلائڻ بدران عدالت فرد واحد جي تابع ٿي وئي، آئين چوي ٿو ته حدن ۾ غير ضروري مداخلت نه ڪريو، هتي هر هر ايگزيڪيوٽو کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ٿو، اهڙا اهڙا پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا جو گهٽين ۾ صفائي تائين جا مامرا اٿاريا ويا، پاڻمرادي نوٽيس جي ڪري اربين ڊالرن جو نقصان رياست کي ٿيو، ريڪوڊڪ، اسٽيل مل جو نقصان ٿيو، هاڻي سپريم ڪورٽ مان به ان حوالي سان ڳالهه آئي، هاڻي بينچ جي لاءِ ڪاميٽي ۾ 3 ميمبر فيصلو ڪندا، هن چيو ته آخري فل ڪورٽ اجلاس 2019ع ۾ ٿيو جڏهن 184 ٽي تحت پاڻمرادو نوٽيس ٿئي ته ڪاميٽي ان جو جائزو وٺي، هن چيو ته ترميم مطابق جتي آئين جي تشريح جي گهرج هجي ته اتي پنجن ججن جي بينچ هوندي، هن چيو ته فيصلو ٿيو ته ڪراچي ۾ ٽاور ڪيرايو، اسلام آباد ۾ ٻه ٽاور تمام قيمتي آهن انهن کي نه ڪيرايو، هي ٻه انصاف نه ٿا ٿي سگهن، هن چيو ته هن بل ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي، مرضي جو وڪيل مقرر ڪرڻ جي اجازت هوندي، هن بل کي اڄ ئي منظور ڪيو وڃي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ڇا هن بل کي ڪاميٽي ۾ نه ٿو موڪلي سگهجي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته عوام ۽ قانون جو نالو وٺي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نيڪ نيتي سان سڌارن جو بل آهي، قوم بيوقوف بنائڻ جي روش ختم ڪيو، هي سڌارن جو نه مفادن جو بل آهي، هي سو سيڪڙو هڪ شخص جي ذات جو بل آهي، هن قانون تحت هي تارازي جا پلڙا برابر نه ڪري رهيا آهن پر تارازي کي گهر کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، توهان کان اٽي جي لائين نه ٿي ٺهي ۽ سپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ هليا آهيو، سپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ سڌو سنئون حملو آهي، توهان کي پنهنجا ڪيس معاف ڪرائڻا آهن، هن چيو ته بل کي ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ۽ اها پنهنجون ترميمون آڻي، اپوزيشن ميمبرن مطالبو ڪيو ته بل کي ڪاميٽي جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ ووٽنگ ڪرائي وڃي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي ”عدليه تي حملو نامنظور“ جا نعرا لکيل هئا، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني چيو ته اها ڳالهه مڃڻ کان قاصر آهيان ته هن بل جو تعلق 90 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ بابت آهي، هي بل وڪيل برادري جو پراڻو مطالبو رهيو آهي، لاتعداد اهڙيون قراردادون آهن جنهن ۾ بار ڪائونسلز طرفان پاڻمرادو نوٽيس تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو ويو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان سپريم ڪورٽ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس ۾ اپيل جو حق پهريان نه هو، حقيقت ۾ هي تمام مسئلا سياسي آهن، بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سياسي جماعتون پارليامينٽ کي استعمال ڪرڻ بدران پنهنجا تڪرار سپريم ڪورٽ کڻي ويون، سپريم ڪورٽ کي پارليامينٽ جي تڪرارن جو حصو نه بنائڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ ثالث نه ٿي ٿي سگهي، اها پارليامينٽ مان ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته بل ڪاميٽي حوالي ٿيڻ گهرجي، بل تي ٻه اعتراض آهن،  چونڊن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ڇا اسان آئيني ترميم کان بنا 184/3 ۾ ترميم ڪري سگهون ٿا، 184/3 ۾ صرف آئيني ترميم ٿي سگهي ٿي، توهان ائين قانون پاس ڪندئو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ هي قانون ڪالعدم قرار ڏنو ويندو، اپيل جو حق صرف آئين جي ذريعي ڏئي سگهجي ٿو، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته هن ايوان ۾ غريب جي لاءِ قانونسازي نه ٿيندي آهي، هن ايوان ۾ سياسي مقصدن ۽ اشرافيه کي فائدو پهچائڻ لاءِ قانون سازي ٿيندي آهي، ڇا پارليامينٽ جي اختيارن ۾ صرف عدليه مداخلت ڪري رهي آهي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ مداخلت نه ڪري رهي آهي؟  ڇا قومي اسيمبلي اهڙي قرارداد اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان منظور ڪري سگهي ٿي، مخالف ڌر جي سينيٽرن چيئرمين سينيٽ جي ڊائيس جي سامهون اچي سخت احتجاج ڪندي ”عدليه تي حملو نامنظور“ جا نعرا هنيا، سينيٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي حوالي ڪرڻ جي رٿ رد ڪندي بل فوري منظور ڪرڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي، سينيٽ جي سيڪيورٽي حڪومتي ۽ اپوزيشن بينچن جي وچ ۾ بيهي رهي، سينيٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع منظور ڪري ورتو،  بل جي حق ۾ 60 ۽ مخالفت ۾16 ووٽ پيا، سينيٽ وڪيلن جي تحفظ ۽ ويلفيئر جو بل ۽ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن بل به منظور ڪري ورتا، سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. هوڏانهن سينيٽ چيئرمين عدالتي سڌارن وارو بل ايوانِ صدر اُماڻي ڇڏيو، صدر جي منظوري بعد بل ايڪٽ آف پارليامينٽ بڻجي ويندو، قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به اڪثريت سان بل منظور ٿيو هو.