اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ۾ شامل جسٽس امين الدين پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ عدالت جي لارجر بئنچ ٽٽي وئي وئي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ جڏهن ٻڌڻي لاءِ آئي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس امين الدين خان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، هن گذريل ڏينهن جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي. جسٽس امين الدين خان چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران پاڻمرادي نوٽيس وارن ڪيسز بابت گذريل ڏينهن فيصلو ٻڌايو ويو، ان فيصلي باوجود بينچ ڪارروائي جاري رکڻ چاهي ٿي، آئون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي روشني ۾ هي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪيان ٿو، جسٽس امين الدين جي بينچ کان ڌار ٿيڻ بعد باقي جج به ڪورٽ روم مان اٿي ويا جسٽس امين الدين خان طرفان معذرت ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٽٽي وئي، جسٽس امين الدين جي بينچ کان ڌار ٿيڻ بعد چيف جسٽس ۽ ٻين ججز جي مشاورتي گڏجاڻي ٿي، عدالتي حڪمنامي موجب جسٽس امين الدين خان بينچ جو حصو نه هوندو، سپريم ڪورٽ اڄ 11 وڳي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست ساڳئي بينچ ۾ ٻڌي ويندي، سپريم ڪورٽ جي عدالتي عملي حڪنامو پڙهي ٻڌايو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 4 رڪني بنيچ هاڻ ٻڌڻي ڪندي، جنهن ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل هوندا.