اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد جي پگهار ۽ مراعتون سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر هونديون، قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، 18 مارچ تي وفاقي ڪابينا منظوري ڏني هئي، نيب چيئرمين کي 17 لک ماهوار پگهار، سرڪاري گهر ۽ ٻه گاڏيون ملنديون، نيب چيئرمين اسلام آباد ۾ ٻن ڪينالن جو پلاٽ حاصل ڪرڻ جو مجاز هوندو، نيب چيئرمين کي 2 هزار يونٽ مفت بجلي۽ 600 ليٽر ماهوار پيٽرول به فراهم ڪيو ويندو، نيب چيئرمين نذير احمد 6 مارچ تي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد ذميواريون سنڀاليون هيون.