لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي خلاف جاچ دوران لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) جي رڪارڊ مان پلاٽس جا فائيل گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي مبينه طور تي پوش علائقي ۾ ڪروڙين رپين جا پلاٽس خريد ڪيا. پلاٽس ڪيتري ۾ خريد ڪيا ويا ۽ ان جي باري ۾ ٻين تفصيلن جو رڪارڊ گم ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ايل ڊي اي سي 2 ارب رپين جي ماليت بابت معاملي جا فائيل گم ٿيڻ تي جواب طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب 150 پلاٽس جا فائيل ايل ڊي اي جي رڪارڊ مان گم ٿيا آهن. هڪ ئي شخص جي نالي 100 فائيل پاور آف اٽارني جي ذريعي منتقل ڪرايا ويا. اينٽي ڪرپشن کاتي ڊائريڪٽر جوهر ٽائون ۽ ڊائريڪٽر هائوسنگ معظم رشيد کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.