ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 9 اپريل سانحي کي 14 سال گذري ويا، متاثرن کي انصاف نه ملي سگهيو، ايم ڪيو ايم اڳواڻ سعيد ڀرم ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش، شاهدن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 اپريل سانحو طاهر پلازه کي باهه ڏئي ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ سعيد ڀرم ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن سعيد ڀرم، عمران سعيد ۽ فيصل جاويد عرف ماما کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران سعيد 164 جو بيان ۽ جي آءِ ٽي آڏو ڏنل بيان ۾ طاهر پلازه کي باهه ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدارن ڪي ٽي سي انچارج حماد صديقي جي چوڻ تي طاهر پلازه کي باهه ڏني هئي، مئجسٽريٽ آڏو جوابدار عمران سعيد، حماد صديقي ۽ سعيد ڀرم جي چوڻ تي باهه ڏيڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار پوليس جاچ دوران طاهر پلازه سانحي ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. جوابدار فيصل ماما کي 2021ع ۾ پوليس گرفتار ڪيو هو، 9 اپريل 2008ع تي طاهر پلازه ۾ ايڊووڪيٽ الطاف جعفري سميت 6 ڄڻن کي ساڙي ماريو ويو هو، جڏهن ته 2011ع ۾ ڪيس ۾ جوابدار نديم حسن ۽ وامق کي گرفتار ڪيو ويو هو، شاهدن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي عدالت ٻنهي کي آزاد ڪيو هو، ٻڌڻي دوران شاهدن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته ڪيس ۾ 12 جوابدار فرار آهن، جيڪي 14 سال گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.