گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ۾ 8 مارچ تي (اڄ) رٿيل عورت آزادي مارچ جون تياريون مڪمل، جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران مشعل بردار جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ان سلسلي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو روبينا دايو، ثمرين لاکو، نشا ڪنول، بلاول پٺاڻ، رئوف پارس دايو، سڪندر اوڳاهي، سارنگ ڪلادي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مارچ جو مقصد عورتن کي معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. عورت آزادي مارچ جي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ نياڻين لاءِ پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين تعليم، ڪارنهن واقعن جي روڪٿام ۽ جرڳن تي پابندي، ملڪيت مان جائز ۽ قانوني حصو ڏيارڻ، مذهب جي جبري تبديليءَ تي بندش ۽ عورتن جي معاشي خودمختياريءَ جهڙا مطالبا شامل آهن. آزادي مارچ جو مقصد عورتن کي ملڪي آئين ۾ مليل حق ڏيارڻ آهي. هنن ٻڌايو ته اربع تي سرڪٽ هائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي ۽ مک تقريب پبلڪ پارڪ ۾ منعقد ڪئي ويندي. ان کان عورت مارچ بابت جاڳرتا لاءِ پريس ڪلب گهوٽڪي کان پپل چوڪ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي.