حيدرآباد( بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ گهر مان چمڙي جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو جو ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي. اطلاع تي ڀٽائي نگر پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو گهر ۾ اڪيلو رهائش پذير هو سندس فيملي امريڪا ۾ رهي ٿي رڳو هڪ ڊرائيور ساڻس گڏ رهندڙ هو جيڪو گهر ۾ موجود ناهي جنهن ڪري شڪ آهي ته ڪٿي اهو سندس قتل ۾ ملوث نه هجي ان ڪري سندس ڳولا ڪئي پئي وڃي پوليس موجب ڊاڪٽر جي گهر مان فرانزڪ لاءِ ڪجه شاهديون به گڏ ڪيون آهن ته جيئن معاملي جي جاچ ڪري سگهجي پوليس موجب في الحال ڊاڪٽر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد اسپتال ۾ ئي رکرايو ويندو هوڏانهن علائقي ۾ افواه آهن ڊاڪٽر کي سندس ئي ڊرائيور قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي