عامر خان جي پوڄا: تصويرن تي پرستار حيران ۽ پريشان

0
252
عامر خان جي پوڄا: تصويرن

ممبئي(شوبز نيوز) مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي اڳوڻي زال ڪرن رائو سان گڏ مذهب جي طور طريقن سان پوجا پاٽ ڪرڻ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن

اهي تصويرون سندس فلم ”لال سنگهه چڍا“ جي ڊائرڪٽر ادويت چندن پاران انسٽاگرام تي شيئر ڪيون ويون آهن جنهن تي سندس چوڻ آهي ته عامر خان پروڊڪشنز جي نئين آفيس ۾ پوجا ٿي رهي آهي.

انهن تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عامر خان ٿالي هٿ ۾ کڻي آرتي ڪري رهيو آهي جڏهن ته هڪ تصوير ۾ ناريل کڻي بيٺو آهي ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب عامر خان اها پوجا ڪرن رائو سان گڏ سندس نئين پروڊڪشن جي آفيس ۾ ڪئي آهي

سندس تصويرن تي مداحن پاران دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري آهي ڪجهه جو چوڻ آهي ته هو نئين فلم جي تياري ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه لکيو آهي ته هو هندن جي روايتن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ مٿس ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو ويو آهي