يوٽيلٽي اسٽورز تي سستائپ ختم، اگهن ۾ غيرمعمولي اضافو: گيهه 5 ڪلو 700 رپيا مهانگو

0
540

اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت ملڪ اندر يوٽيلٽي اسٽورن تي عام مارڪيٽ کان گهٽ اگھه تي وڪامندڙ عام واهپي ۽ استعمال جي شين جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ڪري ڇڏيو قيمتن ۾ ڪيل واڌ فوري لاڳو تصور ٿيندي نوٽيفڪيشن جاري

تفصيل موجب وفاقي حڪومت ملڪ اندر قائم يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ انتهائي غير معمولي اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ عام مارڪيٽ ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي وڪرو ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ فرق لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آھي، يوٽيلٽي اسٽورن تي شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

قيمتن  ۾ واڌ فوري  لاڳو تصور ٿيندي، نوٽيفڪيشن مطابق يوٽيلٽي اسٽورن تي گيھه جي في ڪلو جي قيمتن ۾ 71 رپين جو اضافو ڪيو ويو آھي، جنهن بعد برانڊيڊ گيھه جي ڪلو جي قيمت وڌي 468 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي، جڏهن ته پنج ڪلو گيھه جي ٽن جي قيمت ۾ 695 رپين جي واڌ ڪئي وئي آھي، جنهن بعد 5 ڪلو گيھه جي في ڪلو جي قيمت وڌي 2370 رپيا مقرر ڪئي پئي آھي جڏهن ته هڪ ڪلو ديسي گيھه جي هڪ ڪلو قيمتن ۾ 220 روپين جي واڌ ڪري في ڪلو جي قيمت وڌائي 1420 روپيا مقرر ڪئي وئي آھي

نوڊلز جي قيمتن ۾ 20 رپين جي واڌ ڪئي وئي آھي جنهن بعد چئن پيڪ وارن نوڊلز جي قيمت 227 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، 800 گرام وارو ٽماٽو ڪيچپ جي قيمتن ۾ 30 رپين جي واڌ ڪري نئين قيمت 318 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي، 800 گرام لوڻ جي قيمت ۾ 10 روپيا، مينگو جام جي قيمتن۾ 29 روپين جي واڌ ڪئي وئي آھي

گرم مصالن  جي پيڪيٽ جي قيمتن ۾ 10 کان 30 روپيا ،800 گرام  ٻارن جي خشڪ کير جي قيمت ۾ 120 رپين جو اضافو ڪيو ويو آھي، جنهن بعد 800 گرام خشڪ کير جي قيمت 1690 رپين کان وڌائي 1810 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي ،50 گرام ڪافي جي قيمت ۾ 145 روپيا ۽ 200 گرام ڪافي جي قيمت ۾ 370 روپين جي واڌ ڪئي وئي آھي، صابڻن جي قيمتن ۾ 5 رپيا 40  روپيا  ۽ ھنڊ واش 450 ملي گرام جي لڪيوڊ جي قيمتن ۾ 20 رپيا ، بوٽ پالش جي ڊٻي جي قيمت ۾ 20 رپيا جي واڌ ڪئي وئي آھي ائين يوٽيلٽي اسٽور تي وڪرو ٿيندڙ سمورين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آھي