فٽبال ورلڊ ڪپ: فرانس آخري ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ کي 1-2 تان هارائي ڇڏيو

0
225
فٽبال ورلڊ ڪپ: فرانس آخري

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ فرانس آخري ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ کي 1-2 تان هارائي ڇڏيو آھي

قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي آخري ڪوارٽر فائنل ۾ فرانس انگلينڊ کي ٻن گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

فرانس جي طرفان پهريون گول 17هين منٽ ۾ اوريلين چوميني ڪيو، جڏهن ته ٻيو گول اوليويئر ييرو 78هين منٽ ۾ ڪيو

انگلينڊ جي ڪپتان هيري ڪين پنالٽي ڪِڪ تي گول ڪيو، جڏهن ته انگلش ڪپتان هيري ڪين به پنالٽي ڪڪ مس ڪيو

اربع تي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن فرانس جو مقابلو مراکش سان ٿيندو، جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ ارجنٽائن ۽ ڪروشيا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون