برطانيه حڪومت پاران پابندي لڳائڻ تي حيران آهيان، جبري شاديون ناھيون ڪرائيندا: ميان مٺو

0
362

ڏھرڪي (رپورٽر) برطانيه حڪومت پاران ڀرچونڊي پير ميان مٺو تي پابندي واري معاملي تي ڀرچونڊي جي پير ميان مٺو جو رد عمل سامھون اچي ويو آھي

ميان مٺو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته برطانيه حڪومت پاران پابندي لڳائڻ  تي حيران آهيان، ڀلي ٽيم موڪلي جاچ  ڪرائي وڃي، اسان ڪڏهن به جبري شاديون ناهيون ڪرائيندا نه ئي زوري مذهب  تبديل ناهيون ڪرائيندا

ميان مٺو جو چوڻ ھو ته رنڪل ڪماري عرف فريال  بي بي واري معاملي تي ان وقت  واويلا ڪئي وئي هئي

رنڪل عرف فريال سپريم ڪورٽ تائين  پنهنجي مرضي سان مذهب تبديل  ڪرائڻ بابت بيان ڏنا، برطانيا حڪومت کي چوندس  ته هڪ ٽيم موڪلي اسان بابت جاچ  ڪرائين

ڀرچونڊي پير جو چوڻ ھو تھ اسان کي صرف بدنام ڪرڻ جي سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي، نياڻين جون زبردستي شاديون ناھيون ڪرائيندا، اھي اسان تي الزام لڳايا ويندا آھن

ھي به پڙھندا

مذهب جي جبري تبديلي بابت ميان مٺو ۽ پير سرهندي کي ڪميٽي ۾ گهرائڻ جي مخالفت!!