مذهب جي جبري تبديلي بابت ميان مٺو ۽ پير سرهندي کي ڪميٽي ۾ گهرائڻ جي مخالفت!!

0
634

اسلام آباد: اقليتن جي تحفظ بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس لياقت خان ترڪئي جي صدارت ۾ ٿيو، اقليتي ڪميشن جي چيئرمين چيلا رام ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جبري مذهب جي تبديلي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا سنڌ ۾ ٿين ٿا. خوبصورت غير مسلم ڇوڪريون جڏهن ڪاليج يا شاپنگ لاءِ وڃن ٿيون ته کين اغوا ڪيو وڃي ٿو، جنهن بعد کين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ ان بابت سوال اٿن ٿا، جلد قانونسازي جي ضرورت آهي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري ميان مٺو ۽ پير سرهندي کي مشاورت لاءِ گهرائڻ جي تجويز ڏني، جنهن جي مخالف ڪندي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته اهو ايئن آهي جيئن دهشتگردن کي گهرائي دهشتگردي خلاف قانون ۾ مشاورت ڪئي وڃي.