اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي:ثمر بلور

0
145

Aimal Wali Khan speech at Shaheed Bashir Ahmad Bilour anniversary - YouTube

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي، کيس قتل جون ڌمڪيون به مليون آهن

 

اي اين پي خيبرپختونخواهه جي ترجمان ثمر بلور پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو ته ھاڻ گھڻو ٿيو، اسان جي صوبائي صدر ايمل ولي خان کي دھشتگردن جي طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن

رياست، حڪومت ۽ دھشتگردن جا ھمدرد ڄاڻي وٺن تھ ايمل ولي خان اسان جو ولي باغ جو سياسي وارث آھي، ان کي نقصان پھتو ته اسان سان شڪايت نھ ڪجو

ثمر بلور جو چوڻ ھو ته ايمل ولي خان کي سرڪار ۽ ادارن تحفظ نه ڏنو ته پارٽي پاڻ قدم کڻندي، ايمل ولي کي ڪجهه ٿيو ته پوءِ حالتن جي ذميوار حڪومت هوندي