موٽر وي اسڪينڊل: نوشهروفيروز ضلعي اندر ساڍا 3 ارب روپين جي ڪرپشن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
222

نوشھروفيروز (رپورٽر) ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل ۾ رڳو نوشهروفيروز ضلعي اندر ساڍا 3 ارب روپين جي ڪرپشن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آھن

ٽائيم نيوز نوشهروفيروز ضلعي ۾ موٽروي پراجيڪٽ ۾ گهوٻين بابت 3 رڪني انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ هٿ ڪري ورتي آھي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زمين جي خريداري جي نالي تي کاتيدارن کي 3 ارب 53 ڪروڙ رپين جي ادائگي لاءِ 857 چيڪ ڪرائي وئي، سنڌ بينڪ جي اڪائونٽ مان 3 ارب 40 ڪروڙ روپيا ڪڍرايا به ويا

رپورٽ موجب کاتيدارن جي لسٽ ۾ ڪيترن ئي کاتيدارن جا نالا ۽ ٻيا تفصيل غائب هئا، اين ايڇ اي پاران ڊي سي نوشهروفيروز کي 94 ڪروڙ رپين جو چيڪ ضلعي ٽريزري ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ڏنو ويو

اڳوڻي ڊي سي چيڪ ٽريزري بدران پنهنجي ڊي ڊي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو، ڊي ڊي اڪائونٽ مان بعد ۾ اهي فنڊ سنڌ بينڪ منتقل ڪيا ويا، رقمون ڪڍرائڻ لاءِ سنڌ بينڪ شام 6 وڳي کان رات يارهين وڳي تائين کلندي رهي

خميسو نالي شخص جي نالي تي 67 چيڪس جي ذريعي 70 ڪروڙ روپيا ڪڍيا ويا، ببلو رام جي نالي تي 23 چيڪس ذريعي 29 ڪروڙ 69 لک روپيا ڪڍرايا ويا

موٽر وي ميگا اسڪينڊل دوران ڪمشنر شهيد بينظيرآباد جو ڪردار غير سنجيده ۽ خاموش تماشائي وارو رهيو، اسڪينڊل ۾ ڪمشنر جي ملوث هئڻ جي تصديق لاءِ وڌيڪ جاچ ڪرائي وڃي

انڪوائري ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد خلاف جاچ جي سفارش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمشنر شهيد بينظير آباد سموري معاملي کان لاتعلقي ۽ اڻڄاڻائي ظاهر  ڪئي

ڪمشنر کي زمينن جي خريداري ۽ کاتيدارن کي ادائگين وارن معاملن جي نگراني ڪرڻ گهرجي ها، ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالرشيد زرداري کي ڪجهه ڏينهن اڳ بدلي ڪيو ويو آهي.
ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: ايف آءِ اي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، تاشفين عالم جي گھرواري به جاچ ۾ شامل