عاليا ڀٽ هالي ووڊ ۾ جلوا ڏيکارڻ لاءِ تيار

0
148
عاليا ڀٽ هالي ووڊ

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ هلندڙ مهيني پنهنجي پهريل هالي ووڊ فلم جي شوٽنگ جي شروعات ڪندي. ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ جي سپر اسٽار عاليا هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجي مداحن کي ٻڌايو هو ته هوءَ هالي ووڊ ۾ قدم رکڻ وڃي رهي آهي ۽ هاڻي هن جي پروجيڪٽ جي شوٽنگ جو شيڊيو به اڳيان اچي ويو آهي

اداڪارا مئي جي وچ ۾ پنهنجي پهرين هالي ووڊ فلم “هارٽ آف اسٽون” ۾ ڪم جي شروعات لاءِ برطانيا ويندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هوءَ هالي ووڊ اداڪارا گيل گيڊوٽ ۽ اداڪار جيمي ڊومن سان گڏ فلم ۾ جلوا ڏيکاريندي. عاليا ڀٽ پنهنجي نئين ايندڙ بالي ووڊ فلم “روڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني” جي شوٽنگ مڪمل ٿيندي ئي برطانيا لاءِ رواني ٿي ويندي