اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پرڏيهي سازش جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن  عمران خان جي الزامن جي جاچ ڪندي ۽ انڪوائري رپورٽ عوام آڏو رکي ويندي. پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير واضح ڪيو ته انڪوائري ڪميشن اڻڌري هوندي، جيڪا آزاداڻي نموني جاچ ڪندي، انڪوائري ڪميشن جو سربراهه به اهڙي شخص کي بڻايو ويندو، جنهن تي ڪير به آڱر  کڻي نه سگهندو. هن چيو ته اڄ به چئون ٿا ته ڪابه پرڏيهي سازش ناهي ٿي، هي صرف گوگي بچايو، تحريڪ آهي. هن چيو ته تباهه ٿيل معيشت، بيروزگاري، بدترين مهانگائي جو سبب عمران صاحب جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ آهي، عمران خان جي دور ۾ اٽو، کنڊ، گيهه ۽ دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، سازشي ٽولي 4 سال ملڪي خزاني ۽ توشا خانه کي لٽيو، هن وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ جي ترقي لاءِ سعودي عرب ۽ يو اي اي سان ڪاروباري پارٽنرشپ قائم ٿي رهي آهي، عمران خان ڪشڪول کڻي ٺوڪرون کائيندو رهيو، عمران نيازي جو ڦهلايل گند صاف ڪري رهيا آهيون.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف پرڏيهي سازش جي الزام جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان تجويز ڪيل  انڪوائري ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان رڳو اها ڪميشن قبول ڪنداسين، جيڪا آزاد عدليا تحت هجي ۽ جاچ ڪميشن جي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکاري وڃي. هن چيو ته فرح خلاف روز پريس ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن، حڪومت کي عمران خان خلاف ڪجهه نه پيو ملي، تنهن ڪري اهڙا قدم کنيا پيا وڃن، جيڪڏهن فرح خان ڪرپشن ڪئي آهي ته ان تي ڪيس ڇو نٿا ٺاهيا وڃن؟. فواد چوڌري چيو ته باغي ميمبرن بابت ڪيس انتهائي اهم آهي، سموري آئيني بحران انهي ڪيس جي چئوطرف گهمي رهيو آهي، جيڪڏهن اليڪشن نه ڪرائي وئي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري وزيراعظم شهباز شريف جي تازي سعودي عرب ۽ يو اي اي واري دوري کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ چيو ته سعودي عرب ۽ ابو ظهبي کان پئسن جي اميد پوري نه ٿي سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 3 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي ۽ يوٽيلٽي اسٽورز عملي طور تي بند آهن. فواد چوڌري چيو ته معيشت عملي طور تي بنا ڊرائيور جي هلي رهي آهي اڃان تائين تيل جي قيمتن تي حڪومت جي پاليسي واضح ناهي ٿي سگهي. اڳوڻي وفاقي وزير حڪومت مٿان تنقيد ڪندي وڌيڪ چيو ته عارضي حڪومت صرف ڏينهن گذاري رهي آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته اسان ڪرائم منسٽر ۽ سندس ڪابينه کي آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا ته تحريڪ انصاف ڪنهن ٻاهرين طاقت سان اهڙن معاهدن جي اجازت نه ڏيندي جنهن سان پاڪستان جي خودمختياري کي نقصان پهچي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن معاهدي تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وئي ته سموري قوم سراپا احتجاج بڻجي ويندي. ان موقعي تي فرخ حبيب چيو ته جاچ ڪميشن جو اعلان بدنيتي تي ٻڌل آهي، موجوده حڪومت امپورٽڊ سازش جو حصو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته سپريم ڪورٽ تحت ڪميشن جوڙي وڃي.