عيد ۽ اسٽيبلشمينٽ کي وري سياست ۾ مداخلت ڪرڻ جي دعوت

0
242
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ ۾ عيد الفطر جي موڪلن بعد پرنٽ ميڊيا جا ادارا وري کلي ويا آهن. هن ڀيري اهو سٺو ٿيو آهي ته عيد نسبتن پرامن گذري آهي. وفاقي ۽ سموريون صوبائي حڪومتون ان باري ۾ مبارڪباد جون حقدار آهن ته انهن جي ڪوششن سان عوام جي عيد سهڻي نموني گذري آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس ۽ فوج جي ادارن جي ڪوششن کي به ان سلسلي ۾ نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. انهن ادارن جي محنت ۽ سمورين پارٽين جي سياسي قيادت جي ڪردار جي ڪري ملڪ ۾ امن موٽيو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ عام ماڻهن جي ڏنل قربانين جو ذڪر نه ڪرڻ به زيادتي ٿيندي. توڙي جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي جهڙا واقعا پيش آيا پر انهن واقعن جي نتيجي ۾ عوام جي همت اڃا به وڌي آهي ۽ انهن جي دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي عزم ۾ اضافو ٿيو آهي. قومون ئي هونديون آهن جيڪي ڪنهن به مصيبت کي منهن ڏئي وينديون آهن. ملڪ قومن سان ئي هوندا آهن. ادارا انهن قومن ۽ ملڪن کي مضبوط ڪندا آهن. اسان جي ملڪ جي ادارن خاص طور تي اسٽيبلشمنٽ جيڪو سال ڏيڍ اڳ فيصلو ڪيو هو ته هو سياست کان پري رهندا ته ان فيصلي جي ڪري به ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. پر شايد اها ڳالهه ڪجهه ڌرين کي پسند نه آهي جنهن ڪري اهي اسٽيبلشمنٽ جي سمورن اعلانن باوجود کين وري سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما جو هڪ بيان عيد جي ڏهاڙن ۾ ئي سامهون آيو آهي جنهن ملڪ جي جمهوري طاقتن کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. خبر ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي گورنر چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا کي خط لکيو آهي ۽ صدر ۽ وزيراعظم کي لکيل خطن جي ڪاپي به موڪلي آهي. خط ۾ عمر سرفراز چيما آرمي چيف کي پنجاب جي موجوده صورتحال ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف پنجاب ۾ آئيني فريم ورڪ تي عمل لاءِ ڪردار ادا ڪري. خط ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي عوامي اعتماد بحال ڪرائڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. اهو خط هڪ ته غيرروايتي آهي ملڪي تاريخ ۾ اهڙي خط لکڻ جو اڳ ڪو به مثال نه آهي. ٻيو ته ان خط سان سياستدانن ۽ سياسي ادارن جي ناڪامي ۽ ڪمزوري جو اعتراف ٿئي ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر به پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جا سياستدان پاڻ ۾ ڳالهيون ناهن ڪندا جنهن ڪري ٻين ادارن کي وچ ۾ آندو ويندو آهي. اها حقيقت به آهي. جيڪڏهن سياستدان پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي سگهه پيدا ڪن ته اسٽيبلشمنٽ کي وچ ۾ اچڻ جو موقعو ئي نه ملي. هاڻ جڏهن فوج سياست کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ان کي وري سياست ۾ گهلي اچڻ ڪٿان جي جهموريت پسندي آهي؟ اسان سمجهون ٿا ته اهڙا بيان ۽ خط نه رڳو جمهوريت پر ملڪ جي سلامتي لاءِ به خطرو آهن. ڳالهيون ڪرڻ سياستدانن جو ڪم آهي اهو سياستدانن کي ئي ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ٻين ادارن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي خدمت نه آهي. ان ڪري سمورين ڌرين کي صلاح آهي ته اهي ڪو به اهڙو مطالبو نه ڪن جو اڳتي هلي کين به وري ڪڏهن اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ئي نه ملي.