بند ڪمرن ۾ ڪئميرائون ڪير ٿو لڳائي؟

0
540
سائنس جا استاد نه گھرجن!

  پاڪستان ۾ آڊيو ۽ ويڊيو ليڪس جو شور ڪا نئين ڳالھ ناھي. بس، تبديل ٿين ٿا تہ صرف انھن ليڪس جا ڪردار. ويجھي ماضي ۾ انھن ليڪس جو سلسلو ڪجھ شدت اختيار ڪري چڪو آھي. سال 2021 ۾ ليڪس خصوصن ويڊيو ليڪس ڇانيل رھيون. اھي آڊيو ۽ ويڊيو ليڪس پاڪستاني سياستدانن ھميشہ ھڪٻئي خلاف سڌي يا اڻسڌي طرح استعمال ڪرڻ جو ڪو بہ موقعو ھٿن مان وڃڻ ناهي ڏنو. جڏھن تہ انھن کي خبر بہ آھي تہ آڊيو ۽ ويڊيو ليڪس جي دائري کان اھي پاڻ بہ ٻاھر ناھن. مرحوم راحت اندوري جو ھڪ اردو شعر آھي تہ:

لگي گي آگ تو آئين گي گھر ڪئي زد ۾

يھان پي صرف ھمارا مڪان ٿوڙي ھي

پر اسان جا سياستدان ڪڏھن بہ انھي مان ڪو سبق ناھن پرائي سگھيا. ڪجھ وقت اڳ جن ڏينھن ۾ زبير عمر پاڪستاني سياست ۾ نمايان ڪردار ھو ۽ ھر وقت ٽي وي اسڪرينس تي نواز شريف جي ترجمان طور نظر اچي رھيو ھو انھن ڏينھن دوران مبينہ طور تي زبير عمر جي ھڪ عدد ويڊيو وائرل ڪرائي وئي. ڪجھ ڏينھن تائين اھا ويڊيو سوشل ميڊيا تي ڇانيل رھي ھر جڳھ تي بحث ھلندو رھيو، تنھن کانپوء وري ويڊيو ٺاھڻ ۽ ليڪ ڪرائڻ وارا ٻئي ٽارگٽ سان لڳي ويا. انھي کان پھرين احتساب عدالت جي جج مرحوم ارشد ملڪ ۽ چيئرمين نيب جاويد اقبال جي ويڊيو بہ ليڪ ٿي چڪي هئي. مريم نوازشريف جون بہ ميڊيا مينيجمنٽ جي حوالي سان آڊيو ليڪس ميڊيا جي زينت بڻيون. محمد زبير جي ويڊيو ليڪس تي ڪيپٽن صفدر تبصرو ڪندي چيو ھو تہ ويڊيو سڀيني جون آھن اھي ويڊيوز اينديون رھنديون ۽ سياست ھلندي رھندي. تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران سندس مخالف پارٽين جي خلاف ويڊيو ۽ آڊيو ليڪس ٿينديون رھيون، ھاڻي جڏھن تحريڪ انصاف جي اقتدار جو سج لھي چڪو آھي تہ اھڙين ويڊيو ليڪس جو ذڪر زور شور سان سوشل ميڊيا کان ٿيندي ھاڻي تہ مين اسٽريم ميڊيا تي بي ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ مبينہ طور تي شايد تحريڪ انصاف جي اھم ترين شخصيتن کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو. ائين معلوم ٿي رھيو آھي ڄڻ باقاعدي سان ھڪ منصوبابندي تحت اھي ۽ ماضي ۾ ٿيندڙ ويڊيو ۽ آڊيو ليڪس، ليڪ نہ بلڪہ ريليز ڪيون وڃن ٿيون.

شايد اھي ويڊيو ليڪ ڪرائڻ وارا ڪجھ حد تائين پنھنجن مقصدن ۾ ڪامياب بہ ويا ھجن پر ھاڻي ايندڙ ويڊيوز جي پويان جيڪڏھن مقصد ڪنھن جي سياست ختم ڪرڻ آھي تہ اھو ممڪن ناھي. ماضي ۾ جن جون بہ ويڊيو ۽ آڊيو ليڪس آيون انھن جو فقط ڪجھ ڏينھن جي شور ۽ طوفان بدتميزي کان پوء وري سڀ ڪجھ نارمل ٿي ويو. سينيٽ جي گذريل چونڊن دوران بہ ڪيترا ئي اسٽنگ آپريشن ٿيا پر اھي سڀئي حربا ناڪام ويا. ھاڻي ليڪ ٿيندڙ ويڊيوز ۽ آڊيوز کي جيڪڏھن ذاتي معاملو چئجي تہ بہ انھي ۾ اھا ڳالھ بہ مدنظر رکڻ گھرجي تہ جيڪڏھن ويڊيو ڪنھن عام ماڻھو جي ھجي تہ شايد انھي کي ذاتي معاملو چئي ٽاري سگھجي ٿو پر جيڪڏھن ڪا ويڊيو ڪنھن ملڪ جي سربراہه يا سابق سربراہه جي ھجي تہ پوء؟ ڇا انھي کي عوام جي اڳيان جوابدہ نہ ٿيڻ گھرجي؟ وري اتي اھو بہ ڏسڻ گھرجي تہ ڇا ليڪ جي ڪري عام مفاد تي ڪو اثر پوي ٿو؟ جڪڏھن انھي ويڊيو جي ڪري عوامي مفادن کي ڪو ڇيھو نٿو رسي تہ پوء بہ ڇا اھي ليڪس ذاتي معاملي تائين محدود نہ ڪرڻ گھرجن؟ منھنجي خيال ۾ ويڊيو ليڪس جھڙي غليظ سياست کي ھن ليک جو حصو نہ بڻائڻ گھرجي ھا پر جيڪڏھن انھي کي سنئون سڌو ملڪ جي اڳوڻي سربراہه سان منسلڪ ڪيو وڃي تہ پوءِ سوال تہ پيدا ٿين ٿا.

ھن وقت ويڊيو ليڪس جي معاملي تي ڀنگڙا اھي پيا وجھن جيڪي ڪجھ وقت اڳ تائين ويڊيو ۽ آڊيو ليڪس کي ذاتي معاملي تائين محدود رکڻ جا قائل ھئا ۽ ھن وقت انھن ويڊيوز کي ڪردار ڪشي جي مھم اھي ماڻھو پيا ڪوٺن جيڪي ڪجھ وقت پھرين تائين وڏي واڪي ليڪس جو ذڪر پيا ڪندا ھئا. منھنجي خيال ۾ ويڊيو ۽ آڊيو ليڪس ذريعي ڪنھن جي بہ ڪردار ڪشي ڪرائڻ يا ڪو ذاتي نقصان رسائن نہ ئي اڳ بھتر ھو ۽ نہ ئي ھاڻي سھي آھي. ڇا اھو صرف اتفاق آھي جو ھر وقت اھي ليڪس سياستدانن يا سياست سان منسلڪ ماڻهن جون ھونديون آھن.

انھن ويڊيو ۽ آڊيو ليڪس تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا جھڙوڪ:

اھي ويڊيو ۽ آڊيوز اصلي آھن يا جعلي؟

جيڪڏھن اصلي بہ ھجن تہ بہ انھن تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا.

ھڪ ٻيو اھم سوال اھو تہ ڇا اھي ويڊيوز ليڪ ٿين ٿيون يا ريليز ڪرايون وڃن ٿيون؟

سڀ کان اھم سوال اھيو تہ:

اھي ويڊيو ڪٿان ٿيون جاري ٿين؟ ڪير ٿو جاري ڪرائي؟

بند ڪمرن ۾ ڪئميرائون ڪير ٿو لڳائي؟

[email protected]