سنڌ جي “مستقبل” بابت اسان ڪيترو فڪرمند آھيون؟

0
233
امراڻو ۽ راڻا چندر سنگهه جون ساروڻيون

  ميڊيا جي هن جديد دور ۾ سنڌ ۾ هر ماڻهو “تبديلي” جي ڳالهه ڪري ٿو. اسان جي سنڌي سماج ۾ معياري تبديلي ڪيئن آڻجي، نظام جي تبديلي ڪيئن ممڪن آهي ۽ سنڌ جي مستقبل بابت اسان ڪيترو فڪرمند آهيون؟ انهن موضوعن متعلق  سنڌ جي عام ماڻهن، سنڌ جي علمي ادبي حلقن توڙي سوشل ميڊيا تي هميشه سگهارا بحث ٿيندا رهن ٿا، سنڌي سماج ۾“ تبديلي” نه اچي سگهڻ جا جيتوڻيڪ اسان کي ڪيترائي سبب نظر اچن ٿا، خاص طور تي اسان جو پڙھيل لکيل طبقو وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام کي موجوده حالتن جو ذميوار قرار ڏيندو رھيو آهي .مڊل ڪلاس جي نوجوانن جو خودمختيار نه هجڻ ۽ سنڌي سماج ۾ تعليم جي فقدان سبب سنڌ ۾ معياري تبديلي آڻڻ وارو خواب ساڀيان بڻجي نه سگهيو آهي، اهڙي ساڳئي ريت موجوده  سياسي ڪلچر  ۾ “سنڌ” جي مستقبل جو سوال پڻ اسان جي اڳيان آهي. ڇا اسان سنڌ جي مستقبل بابت فڪرمند آھيون؟؟؟ ڏھاڪن کان سنڌ جي“ اقتداري” توڙي “انتظامي نظام”کي ڪرپشن  ايترو ته خراب ڪري ڇڏيو آهي جو اسان جو عام سنڌي ماڻھو  توڙي ووڪل ڪلاس ھاڻي “سنڌ” جي مستقبل لاءِ فڪرمند  ضرور آهي پر عملي طور جدوجهد جا گس پاسا  ماٺار جو شڪار آھن.

اقتداري بحرانن جو سنڌي سماج تي پوندڙ اثرن کان اسان جو ساڃاھه وند طبقو  واقف پڻ آهي ۽ ڀوتارڪي سياست جي پاڇي ۾ پلجندڙ سنڌي سماج جي موجوده حالتن تي اسان جي ليکڪ دوستن جا مختلف تجزيا پڻ سامهون ايندا رھيا آهن پر بنيادي سوال اھو آهي ته  سنڌي سماج کي ڪنهن منزل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ سنڌ جي ساڃاھه  وند طبقي سياسي ۽ قومپرست ڌرين وٽ ڪھڙو پلان آهي .سماج جي اوسر ۾ساڃاھه وند طبقي جو اھم ڪردار ھوندو پر ھن وقت جڏهن سنڌ گهڻ رخي مسئلن ۾ گھيريل آهي سنڌ ۾ ڪرپشن مھانگائي  جھڙا انيڪ  مسئلا اسان جي سامهون آهن  ته  اتي سنڌ جو ساڃاھه  وند طبقو الائي ڇو خاموش بڻيل آهي؟ سماج جي تبديلي نظام جي تبديل ٿيڻ سان سلهاڙيل آهي. نظام جي تبديلي، اصولن آدرشن جي سياست تي منحصر آهي. پر اسان وٽ سياست جا اصول ۽ آدرش بدلجي چڪا آهن، آدرشي سياست جو دور هاڻي نه رهيو آهي. وقت سان گڏ سياست  جا رجحان بدلجي چڪا آهن.

قومپرست سياست جو ڪردار ماٺو بڻجي ويو آهي .هن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ سنڌ جو نوجوان سياست کان بنهه الڳ الڳ نظر ٿو اچي، اسان جي موجوده سياست وڏيرن ۽ جاگيردارن جي چوڌاري گهمي رهي آهي. ووڪل ڪلاس جو ماڻهو پنهنجن معاشي حالتن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي. وڏيرڪو ڪلچر اسان جي سياسي ڪلچر تي حاوي آهي. اسان جي نوجوانن ۾ سياست ڪرڻ جو جذبو ته موجود آهي، پر وٽن سگهاري قيادت نه آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ اسان وٽ ليڊرشپ جو هڪ خال پيدا ٿي ويو آهي. شهيد راڻي وٽ سياست جا اصول ۽ آدرش هُئا، انهن آدرشن شهيد راڻيءَ کي عوامي ليڊر بڻايو. محترمه جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ ڪو اهڙو سياسي ليڊر ڪونهي جيڪو شهيد راڻي جهڙي ليڊرشپ جو تسلسل هجي.

اسان جي سياست اڄ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پاڇي ۾ پلجي رهي آهي ۽ سنڌ جا مختلف ضلعا انهن جاگيردارن ۽  سياسي وڏيرن وٽ يرغمال بڻيل آهن ۽ انهن جي سياست ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا  هڪڙا انداز آهن. اسان وٽ “سياست” گلشن جو ڪاروبار بڻجي وئي آهي، جنهن به “سياستدان”جو وارو اچي ٿو، اهو پنهنجو گهر ٺاهڻ ۽ مال ميڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

اڄڪلهه سياست ته روڊ جي ٺيڪن، پرمٽن ۽ مراعتون وٺڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. اسان جي ادارن کي ڪرپشن اڏوهي جيان کائي رهي آهي. ٻئي طرف سرڪاري علمي توڙي ادبي ادارا سياسي اڳواڻن ۽ ڀوتارن جي رحم ڪرم تي آهن.

ڪنهن به سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته اتي جي ماڻهن ۾ فڪري شعور بيدار ڪجي. فڪري شعوري بيدار ڪرڻ لاءِ ان سماج جا پڙهيل لکيل، ساڃاهه وند حلقا توڙي سياسي، سماجي اڳواڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن.

سنڌ جا ماڻهو نفسياتي طور گُهٽ ٻوسٽ، پريشانين ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال ۾ پنهنجي زندگي گهارين ٿا. سنڌ معاشي حوالي سان پوئتي ڌڪجي رهي آهي. غربت ۽ مهانگائي سبب ماڻهو پريشاني واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. اهي پنهنجي بنيادي مسئلن، بجلي، روڊ، پاڻي، صحت، روزگار جي حل لاءِ احتجاج ڪن ٿا، پر سندن دانهن ڪير به نٿو ٻڌي. ٻئي طرف سنڌ جون قومپرست پارٽيون سنڌ جي حقن لاءِ انفرادي جدوجهد تائين محدود آهن. سنڌ جي قومپرست پارٽين وٽ پنهنجا پنهنجا نظريا آهن، اجتماعي حوالي سان سنڌ جا قومپرست ليڊر پاڻ ۾ “گروهه بندي” جو شڪار بڻيل آهن.

جڏهن اسان هڪ “نئين سنڌ” جي تصور جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي انهي ڳالهه جو پڻ شدت سان احساس ٿئي ٿو ته اسان جي سنڌ جا ساڃاهه وند، پڙهيل لکيل ماڻهو، اديب ۽ شاعر سنڌ جي سماجي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪو خاص ڪردار ادا ڪري سگھيا آهن؟ جيڪو انهن کي ڪرڻ گهرجي ها. سنڌ جا ساڃاهه وند، اديب، دانشور گروهن ۽ طبقن ۾ ورهايل آهن، ٿلهي ليکي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي قومي اشوز تي اسان جا ساڃاھه وند دوست سوشل ميڊيا تي بحث مباحثا ڪندا رھن ٿا پر عملي طور تي ڪجھه  ڪرڻ کان قاصر آهن.  سنڌ جو ماڻھو خراب سياست جو درد ڀوڳي پيو پر اسان جو پڙھيل لکيل طبقو  خاموشي جو روزو رکي ويٺل آهي .جڏهن سنڌ ۾ تعليمي شعور جي اڻاٺ هجي، سڄو نظام وڏيرن جي رحم ڪرم تي هجي، سياسي قيادت جو بحران هجي، اديب پڙھيل لکيل طبقو سنڌ جي قومي اشوز تي خاموش بڻيل هجي ته انهي سماج ۾ نئين سنڌ اڏڻ وارو خواب ڪيئن ٿو ساڀيان بڻجي سگهي؟ وفاقي روش سبب سنڌ اڄ به ڀوڳي رهي آهي ته آخرڪار هنن حالتن ۾ سنڌ جي دردن جي درمان ڪير ٿيندو؟ مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي سماجي ڍانچي کي مد نظر رکي اسان جي (سياسي پارٽين) کي پنهنجي روايتي سياست کي تبديل ڪرڻو پوندو.

نظام جي تبديلي لاءِ چونڊيل نمائدن کي عوام جو ڀرجهلو ٿيڻو پوندو. چونڊيل نمائندن کي وڏيرڪي سوچ ختم ڪري عوامي سياست ڪرڻي پوندي، جيڪي نمائندا سنڌين جي ووٽ تي اسيمبلين ۾ پهتا آهن انهن کي ايئرڪنڊيشن ڪمرن مان ٻاهر نڪري سنڌ جي عوام وٽ وڃڻو پوندو. نظام جي تبديلي سياسي ڪلچر سان وابسته آهي انهي ڪري سنڌ جو سياسي ڪلچر تبديل ٿيڻ گهرجي. سنڌ هن وقت گهڻ رخي مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي هنن حالتن ۾ سنڌ  جي مستقبل بابت اسان کي فڪرمند ٿيڻ گھرجي .سنڌ ۾ وڏيرڪي سياست جو خاتمو تڏهن  ايندو جڏهن سنڌ جو نوجوان سياسي ميدان ۾ اڳتي ايندو. جيڪڏهن اسان نئين سنڌ اڏڻ گهرون ٿا ته سنڌ جي نوجوانن کي سياست ۾ متحرڪ ٿيڻو پوندو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي وارثي ڪرڻي پوندي جڏهن اسان تبديلي جي ڳالهه ڪريون ٿا تڏهن اسان جي پڙهيل لکيل طبقي سياسي ۽ سماجي ڌُرين توڙي قومپرست ڌُرين ۽ اديبن، شاعرن، مفڪرن، دانشورن تي به اهي  ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته اهي سنڌ جي ماڻهن ۾ شعوري سجاڳي آڻڻ لاءِ پنهنجو لاڀائتو ڪردار ادا ڪن. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ماءُ کي “ماءُ جي هنج” جيان ڏسڻ گهرن ٿا اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ جو نوجوان اڳتي ايندو، سنڌ جون قومپرست پارٽيون سنڌ جي حقن لاءِ انفرادي جدوجهد بجاءِ اجتماعي جدوجهد جو گس وٺنديون. جڏهن سنڌ جا اديب ۽ دانشور سنڌ جي قومي اشوز تي عملي جدوجهد ڪندا. جڏهن سنڌ جون اقتداري پارٽيون عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي اينديون، جڏهن سنڌ کي ناڻي، پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي حقيقي مالڪي ملندي تڏهن سنڌ ترقي ڪندي ۽ نئين سنڌ اڏڻ وارو خواب ساڀيان ماڻي سگهندو.