اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي دوست فرح گوگي  کي پاڪستان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيندڙ فرحت شهزادي عرف فرح گوگي کي دبئي مان پاڪستان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فرح گوگي تي الزام آهي ته هن عمران خان جي حڪومت دوران ڪرپشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان حوالي سان ان کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي، فرح تي جيڪي الزام آهن، انهن جي جاچ لاءِ سندس موجودگي ضروري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح گوگي کي دبئي مان واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي