ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کي سنڌ صوبي  کي 91ع ٺاهه هيٺ حصي جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، زراعت سان گڏ پيئڻ لاءِ به پاڻي ميسر ناهي، وفاقي حڪومت کي انهي مسئلي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جو ملڪي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، ملڪي معيشت اڳ ۾ ئي مختلف چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڻي کوٽ سبب وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.  هن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب زرعي پيداوار ۽ باغ متاثر ٿي رهيا آهن، هاري ۽ آبادگار پريشان آهن، مٿان وري کين فصلن جا اگهه به پورا نه ملي رهيا آهن. صوبائي وزير وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته 1991ع واري معاهدي تي عمل ڪرائي سنڌ کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ملڪ ۾ پاڻي جا ذخيرا ختم ٿيڻ سبب صوبن ۾ پاڻي جي کوٽ کي برابر  ورهايو وڃي.