ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان ۽ حڪومت ۾ ويڙهه جاري آهي، طالبان هلمند، هرات ۽ قنڌار صوبي جي هيڊڪوارٽرز تي قبضي لاءِ حملا ڪيا آهن، ۽ مک شهرن جي ويجهو پهچي چڪا آهن، ويڙهه ۾ اهم فوجي ۽ پوليس عملدار به مارجي ويا آهن. بزرگ مجاهد اڳواڻ ۽ فوجي آفيسر به طالبان خلاف ويڙهه لاءِ ميدان ۾ اچي ويا آهن. چيني سفير افغان عملدارن سان جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن. اسپن بولدڪ تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ آمريڪي فوج قنڌار پهچي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب افغانستان ۾ سخت ويڙهه جاري آهي، هرات، هلمند ۽ ٻين صوبن تي قبضي لاءِ طالبان حملا ڪيا آهن، جڏهن ته افغان ايئرفورس به جوابي حملن ۾ 52 بي جنگي جهازن سان بمباري ڪئي آهي. هلمند صوبي جي هيڊڪوارٽر لشڪرگاهه تي قبضي لاءِ طالبان حملو ڪيو ۽ هو شهر جي ڀرسان پهچي ويا آهن. ويڙهاڪ شهر جي آسپاس موجود آهن. لشڪرگاهه تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ افغان ايئرفورس بمباري ڪئي جنهن ۾ اسپتال به تباهه ٿي وئي. اهي به اطلاع آهن ته حملي ۾ ڀارتي هوائي جنگي جهاز به استعمال ڪيا ويا آهن. هلمند پوليس جي سربراهه خالد وردڪ جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. افغانستان جي ٽئين وڏي شهر هرات تي قبضي لاءِ به جنگ جاري آهي. هتي به طالبان شهر ۾ داخل ٿي ويا آهن. ويڙهه ۾ هرات صوبي جي فرسٽ آرمي برگيڊ جو ڪمانڊر ڪرنل عبدالحميد خان، ضلعي انجل ۾ پوليس سربراهه جو ڀاءُ گل محمد خان سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن انجل جو هيڊڪوارٽر افغان فوج جي بمباري سان تباهه ٿي ويو آهي. هرات ۾ سونارن ۽ مني ايڪچينجز بند ڪيون ويون آهن، شهر جي ڏاکڻي حصي ۾ سخت ويڙهه جاري آهي. هرات جو گورنر عبدالصبور ۽ اڳوڻو جهادي اڳواڻ اسماعيل خان طالبان خلاف ويڙهه ۾ فرنٽ لائن تي موجود آهن، اسماعيل خان مدد نه ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي. هوڏانهن اسپن بولدڪ تي طالبان جي قبضي بعد آمريڪي فوج واپس قنڌار پهچي وئي آهي، جنهن جو مقصد قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ افغان فورسز جي مدد ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته افغانستان ۾ چيني سفير وانگ يو افغان امن ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله عبدالله سان ملاقات ڪئي ۽ امن عمل ۽ سيڪورٽي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. چيني سفير چيو ته چين افغانستان ۾ امن جي هميشه حمايت ڪئي آهي ۽ سياسي ٺاهه ۽ ويڙهه جي جلد خاتمي جي حمايت ڪري ٿو.