سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌو دريا ۾ تربيلا جي مٿاهين پاسي، چشما ۽ ڪالاباغ بيراجن وٽ پاڻي وهڪرن ۾ ڪالهه به چاڙهه جو سلسلو جاري رهيو، تربيلا جي مٿاهين پاسي وچولي، ڪالاباغ ۽ چشما بيراجن وٽ ننڍي ٻوڏ ٿي وئي آهي. ڪابل ندي ۾ به نوشهري وٽ ننڍي ٻوڏ ريڪارڊ ڪئي وئي. مليل انگن اکرن موجب ڪالهه تربيلا ڊيم جي مٿاهين پاسي وهڪرا 3 لک 48000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا ۽ پاڻي جا هيٺاهان وهڪرا وڌائي 220200 ڪيوسڪ ڪيا ويا آهن. ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڪالهه شام تائين 1520 فوٽ ٿي وئي آهي ۽ ڊيم ڀرجڻ ۾ باقي 30 فوٽ رهيا آهن. ڪابل ۾ به پاڻي جا وهڪرا وڌڻ بعد 70700 ڪيوسڪ تي پهتا آهن. ڪالاباغ بيراج جو مٿاهون وهڪرو 296854 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو ۽ چشما بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 297857 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. تونسا بيراج وٽ به پاڻِي واڌ ٿيڻ بعد وهڪرا 204160 ڪيوسڪ تي پهتا جتان سنڌ ڏانهن 181927 ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. هوڏانهن پنجند وٽان وهڪرن ۾ لاٿ آيل آهي جنهن ڪري سنڌو ۾ 8203 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ ۾ تازو وڌيل وهڪرا ناهن پهتا ان ڪري ڪالهه گڊو وٽ چوويهن ڪلاڪن دوران پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي جي لاٿ ريڪارڊ ڪئي وئي. گڊو بيراج جو مٿاهون وهڪرو هڪ لک 48540 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 107890 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. سکر بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 100061 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 45765 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي جي هيٺاهين پاسي هلندڙ سال جو ڪالهه تائين وڏي ۾ وڏو وهڪرو 25680 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو. ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 62985 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن منگلا ڊيم کي به ڀرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه منگلا جو مٿاهون وهڪرو 53376 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 10000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. منگلا ۾ پاڻي جي سطح 1189.15 فوٽن تي پهچي وئي آهي. ڪالهه چناب ندي ۾ مرالا، خانڪي، قادر آباد ۽ ٽمو وٽ ننڍي ٻوڏ موجود هئي. جڏهن ته راوي دريا ۾ بلوڪي وٽ ننڍي ٻوڏ هئي. ملڪ جي ٻين بيراجن يا هيڊ ورڪس وٽ وهڪرا معمول موجب ريڪارڊ ڪيا ويا.