ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پورٽ تي 10 ڏينهن دوران ٻيو وڏو حادثو ٿيو آهي. ڪي پي ٽي ايسٽ وهارف تي کنڊ جي ٿيلهين سان ڀريل ٽرالر سمنڊ ۾ ڪري پيو. ٽي سي پي لاءِ جهاز 33 هزار ٽن کنڊ کڻي آيو هو، جنهن مان کنڊ لاٿي پئي وئي ته حادثو ٿيو. ٽرالر جي ڊرائيور کي وقت سر بچايو ويو. ٽرالر تي رکيل ڪنٽينر ۾ 780 ٿيلها کنڊ پيل هئي، جنهن جي قيمت ڪروڙين رپيا ٻڌائي پئي وڃي. سمنڊ ۾ ڪريل ٽرالر کي ڪڍڻ لاءِ اڄ ڪم شروع ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪورونا ايمرجنسي جي ڪري مزدورن جو تمام ٿورڙو تعداد موجود هو، جنهن ڪري ٽرالر ۽ ڪنٽينر کي ڪڍجي نه سگھيو. ياد رهي ته عيد واري ڏينهن به هڪ جهاز سمنڊ ڪناري پهچي ڦاسي پيو هو.