وڏن چپن جي خواهش: نينگري 20 انجيڪشن لڳرائي ڇڏيا، نقشوئي تبديل

0
614

بلغاريه (دلچسپ نيوز) سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ ڪاسميٽڪس سرجري ۽ اهڙي طرح جا ٻيا ڪاسميٽڪس پروسيجر هر ايندڙ ڏينهن سان مشهور ٿيندا پيا وڃن ۽ ماڻهو ان جي منفي اثرن کي سمجهندي به خوبصورت ڏسڻ جي لاءِ اها تڪليف برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.تازو ئي بلغاريه سان تعلق رکندڙ هڪ 22 ساله ڇوڪري وڏا چپ ڪرڻ جي خواهش ۾ پنهنجي چپن تي 20 ڀيرا انجيڪشن لڳرايا. اينڊريا نالي 22 ساله ڇوڪري کي ريئل لائف باربي يعني حقيقي زندگي جي بار بي چيو ويندو آهي ۽ وڏن چپن جي خواهش جي ڪري هن 20 ڀيرا انجيڪشن لڳرايا ۽ پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي.اينڊيا سڀني کان پهريان 2018 ۾ پنهنجا چپ وڏا ڪرائڻ جي لاءِ انجيڪشن لڳرايا هئا جنهن کان پوءِ کيس انسٽاگرام تي تمام گهڻي مشهوري ملي. هن پنهنجي چپن کي وڏو ڪرائڻ جي لاءِ هينئر تائين ڪيترائي پئسا خرچ ڪيا آهن. 22 ساله اينڊريا جو چوڻ آهي ته مون کي سٺو لڳندو آهي جڏهن ڪيترن ئي ڊاڪٽرن طرفان اهو چيو ويندو آهي ته هاڻ بس هي چپ ايترا وڏا ڪافي آهن. پر مان کين چوندي آهيان ته مون کي اڃان به چپ وڏا ڪرڻا آهن. هن چيو ته مون کي يقين ناهي ته منهنجا چپ دنيا ۾ سڀني کان وڏا آهن پر هي وڏن چپن مان ضرور آهن.هن وڌيڪ چيو ته مون کي پنهنجن چپن جي هي نئين تبديلي تمام سٺي لڳي رهي آهي ۽ مان نون چپن سان گڏ تمام گهڻو خوش آهيان ڇو ته هي تمام وڏا آهن. اينڊيا موجب مون کي انجيڪشن لڳرائڻ وقت 2 کان 3 ڏينهن تائين ماني کائڻ ۾ به تڪليف ٿيندي آهي.