اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اوگرا آگسٽ مهيني لاءِ ايل پي جي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 9 رپيا 58 پيسا في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي، ايل پي جي جو 11.8 ڪلو گهريلو سيلينڊر جي قيمت اضافي کان پوءِ 113 رپيا 7 پيسا في سيلينڊر مهانگو ٿي ويو آهي، گهريلو سيلينڊر جي واڌاري کان پوءِ نئين قيمت 2002 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.